حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سٽي پوليس 3 ڏينهن اڳ فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. پوليس ترجمان ڄاڻايو آهي ته ايس پي سٽي علينه راڄپر جي سربراهي ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري جوابدار اياز کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب جوابدار اياز پٽ حفيظ کي شراب رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو جيڪو هٿڪڙي سميت پوليس کان فرار ٿيو. معاملي جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو ۽ هن ايس پي سٽي علينه راڄپر کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 12 اپريل تي پوليس جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب جوابدار هٿڪڙي سميت فرار ٿيو. پوليس جوابدار کي سينٽ ميري چوڪ جي هڪ گهٽي مان گرفتار ڪري 4 بوتلون شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. جوابدار پوليس رمانڊ ۾ هو ان ڪري اڄ ٻيهر کيس پوليس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪندي.