حيدرآباد سول اسپتال ۾ عورت فوت، وارثن جو ڊاڪٽر تي تشدد، ينگ ڊاڪٽرز جو احتجاج

0
253

حيدرآباد (رپورٽر) سول اسپتال ۾ مريض عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته وارثن غفلت جو الزام هڻندي ڊاڪٽر تي تشدد ڪيو جنهن خلاف ينگ ڊاڪٽرز سراپا احتجاج آهن، ايمرجنسي ۾ مريض عورت شميم جي فوت ٿيڻ جي داڪٽرن تصديق ڪئي ته وارث عورتن اسپتال م هنگامو ڪري ڊاڪٽر اميت ڪمار تي تشدد ڪيو، هنگامو ڪندڙن ليڊي ڊاڪٽرياڻين کي حراسان ڪيو جنهن بعد 3 ڄڻا پڪڙي پوليس حوالي ڪيا پر مارڪيٽ پوليس انهن خلاف ڪارروائي بدران آزاد ڪري ڪري ڇڏيو، مارڪيٽ پوليس خلاف ينگ ڊاڪٽرز پاران سول اسپتال جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو، ڊاڪٽر روشن چانڊيو ۽ ڊاڪٽر فيضان ٻڌايو ته عورت اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي وئي آهي، داڪٽر تي بيگناهه تشدد ڪيو ويو، معاملي جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪيو وڃي.