حيدرآباد: سول اسپتال انتظاميه پاران زنده جوابدار مريض جو فوتي سرٽيفڪيٽ جاري

0
173
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول اسپتال جي انتظاميا جو انوکو ڪارنامو، ڪورونا ۾ مبتلا زنده جوابدار مريض جو فوتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس جوابدار محمد عمير پٽ عبدالنعيم کوکر کي بوگس چيڪ ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن کي 14 جنوري تي پوليس جوابدار کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ جي حڪم بعد جوابدار جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وئي ۽ 17 جنوري تي رپورٽ ۾ تصديق ٿي ته جوابدار ڪورونا ۾ مبتلا آهي

22 جنوري يعني ٽي ڏينهن اڳ سول اسپتال جي ايم ايس پاران جيل انتظاميا ڏانهن جوابدار جو فوتي سرٽيفڪيٽ اماڻيو ويو

جيل انتظاميا لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس کان فوت ڄاڻايل جوابدار بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس تصديق ڪئي ته جوابدار فوت ناهي ٿيو ۽ وارڊ ۾ زير علاج آهي

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار سان ڪينٽ پوليس جي ڳاله ٻوله ٿي آهي جنهن وڊيو بيان به ڏنو آهي

اي ايم ايس سول اسپتال جو چوڻ آهي ته انتظاميا کان سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ ۾ يا ٽائپنگ مسٽيڪ ٿي هوندي