حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 10 ۾ سنڌو درياءَ مان عورت جو لاش مليو،اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش درياءَ  مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته کين علائقي واسين لاش لڙهندو ڏسي اطلاع ڏنو هو، هٿ آيل لاش هفتو پراڻو پيو لڳي ۽ عورت جي عمر 35 کان 40 سال ٿي سگهي ٿي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاش 24 ڪلاڪ مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي.