حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي، شاگردياڻين سان جنسي هراسمينٽ ۽ شاگردن جي حقن لاءِ حيدرآباد جي 6 شاگرد تنظيمن طرفان “حيدرآباد اسٽوڊنٽس الائنس”قائم ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مختلف شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن نواب چانڊيو، ساگر سرويچ، وجدان سيال، سميع ابڙو، انصار باغي ۽ الطاف حسين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته شاگردن جي حقن لاءِ جدوجهد جي هن عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حيدرآباد جي سطح تي ريوليشنري اسٽوڊنٽس فرنٽ (آر ايس ايف)، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (پي آر ايس ايف)، سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (ايس ايس او)، سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي)، پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو (پي ايس سي)، نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) تنظيمن جي مشتمل طرفان  حيدرآباد اسٽوڊنٽس الائنس جوڙيو ويو آھي جنھن جو ڪنوينر نواب چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي نواب چانڊيو چيو ته تعليمي ادارن کي مسلسل شاگردن لاءِ جيل بڻايو پيو وڃي ۽ ڪو به شاگرد پنهنجي پاڻ سان ٿيل ناانصافي خلاف آواز به بلند نٿو ڪري سگهي. شاگرد يونين تي پابندي برقرار آھي، شاگردن   مطالبو ڪيو ته شاگرد يونين تان عملي طور پابندي ختم ڪري يونيورسٽين ۾ وڌايل فين تي ضابطو آندو وڃي.