حيدرآباد جي منڊي ۾ رستم ڏاند جي قيمت 80 لک رپيا

0
516

حيدرآباد (ڪامرس نيوز) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ به قرباني ڪرڻ لاءِ آندل جانورن جي وڪري ۽ خريد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. منڊي ۾ هڪ اهڙو ڏاند به آندو ويو آهي جنهن جو نالو رسم آهي ۽ ان جي قيمت 80 لک رپيا رکي وئي آهي. ان ڏاند جو وزن 70 مڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان ڏاند کي ڏسڻ لاءِ ٻارن، عورتن ۽ مردن جو وڏو انگ اچي رهيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان هي ڏاند خريد ڪرڻ چاهيون ٿا، ڏاڍو سهڻو جانور آهي پر ان جي قيمت تمام گهڻي آهي. ڏاند جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ڏاند کي پيار سان ۽ خيال سان پاليو ويو آهي جنهن ڪري ان جي ايتري قيمت رکي آهي. هن کي مکڻ، کير، بادام کارائيندا آهيون. رستم جو رنگ کير جهڙو اڇو آهي ۽ ان تي ڳاڙهي رنگ جا ٽڪا آهن ۽ ان جي ڳچي به ڳاڙهي آهي.