حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ ون ويلنگ ڪندڙ 30 کان وڌيڪ ننڍي عمر جي ٻارن کي سوگهو ڪري سندن موٽرسائيڪلون چالان ڪيون. پوليس ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽريفڪ سيڪشن لطيف آباد جي ايس او نعيم راجپوت ٽريفڪ سيڪشن سائيٽ ۽ قاسم آباد جي ايس اوز جاويد احمد هالو ۽ ممتاز ٻرڙو ٽنڊو محمد خان روڊ، سائيٽ، قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ گڏيل طور ڪارروايون ڪيون جنهن دوران انهن ون ويلنگ جا ڪرتب ڏيکاريندڙ ننڍي عمر جي ٻارن کي سوگهو ڪيو. ترجمان موجب ٻارن جي قبضي مان پوليس 30 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون جيڪي لاڳاپيل ٿاڻن تي منتقل ڪرڻ بعد 550 جي ڪارروائي ڄاڻائي چالان ڪيون ويون جڏهن ته گرفتار ڪيل نينگرن کي پوليس ان شرط تي والدين حوالي ڪيو ته هو ٻيهر پنهنجي ٻارن کي ون ويلنگ جا ڪرتب ڏيکارڻ کان روڪيندا. گڏوگڏ ايس يس پي عبدالسلام شيخ به والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي الٽر موٽرسائيڪلون هلائڻ کان روڪين ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر جا ٻار تيز رفتاري ۽ ون ويلنگ جا ڪرتب ڏيکاريندي حادثن جو شڪار ٿيندا جنهن سان سندن جاني نقصان جو به انديشو پيدا ٿيندو رهندو. هوڏانهن ٽريفڪ سيڪشن لطيف آباد ماحول کي گدلو ڪندڙ ٽرانسپورٽ خلاف ڪارروائي ڪئي. سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سان گڏجي ٽريفڪ پوليس دونهون اوڳاڇيندڙ سوزوڪين، مني ٽيڪسي، رڪشا ۽ ٻي ٽرانسپورٽ خلاف ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران 2 درجن کان وڌيڪ گاڏيون تحويل ۾ وٺي سندن مالڪن ۽ ڊرائيورن کان ڏنڊ وصول ڪيو ويو. گڏوگڏ ٽرانسپورٽرز کي تنبيهه ڪئي وئي ته هو پنهنجي گاڏين جي فٽنيس ڪرائين ٻي صورت ۾ سندن روٽ پرمينٽ ڪينسل ڪيون وينديون.