حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف رهواسين پاران احتجاج ڪيا ويا. ملت آباد، ڦليلي پل ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيل مظاهرن دوران علائقي واسين رستن تي ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي. ملت آباد جي رهواسين ٻڌايو ته سندن مهيني کان علائقي جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي جنهن سبب سندن زندگي زهر بڻجي وئي آهي. بجلي بند هئڻ سبب علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو به سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. انصاري پاڙي ۽ ٻين علائقن جي رهواسين پاران ڦليلي پل تي لڳل ڌرڻي دوران چيو ته سندن علائقن ۾ هڪ هفتي کان بجلي بند پئي آهي جنهن سبب گرمي ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون بيحال بڻجي ويا آهن. اسلام آباد چوڪ تي دڪاندارن ۽ علائقي واسين احتجاج ڪندي دانهيو ته سندن علائقن ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري سندن ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو به سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. احتجاجن دوران علائقي واسين مطالبا ڪيا ته سندن علائقن ۾ خراب پيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو حيسڪو چيف جي آفيس آڏو احتجاج ڪندا. شهرين مطالبو ڪيو ته لوڊشيڊنگ جو دورانيو گهٽايو وڃي.