حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لياقت ڪالوني واري علائقي ۾ بجلي جو ميٽر چيڪ ڪرڻ تان بيڪري مالڪن پاران حيسڪو عملي تي تشدد واري معاملي جو ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سخي پير پوليس ايس ڊي او لياقت ڪالوني عبدالله شهزاد جي فرياد تي بيڪري مالڪن آصف گجر ۽ صديق گجر خلاف موتمار ڌمڪين، گارگند ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪيو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته انهن هڪ ڏينهن اڳ لياقت ڪالوني ۾ چيڪنگ دوران پاڪستان بيڪري جو ميٽر چيڪ ڪيو جيڪو ٽيمپرنگ ٿيل هو. ميٽر لاهي آفيس منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بيڪري مالڪ آصف گجر ۽ صديق گجر کيس گارگند ڪري تشدد ڪيو ۽ عملي سميت يرغمال بڻائي موتمار ڌمڪيون به ڏنيون. سخي پير پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري ڇڏيون آهن.