حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڊيرين ۽ دڪانن تي کير وڪرو ڪندڙ واپارين ضلعي انتظاميا پاران کير جي مقرر اگهه 160 رپيا في ليٽر کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته کير جو اگهه 200 رپيا في ليٽر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيندا. پريس ڪلب ۾ ايسوسيئيشن جي اڳواڻن رحمان ناگوري، محمد ناصر غوري، ڪليم انور، محمد جنيد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته واڙي مالڪ کين کير جو في ليٽر 185 رپين ۾ فراهم پيا ڪن ۽ اهو کير هو شهرين کي 25 رپيا نقصان برداشت ڪري 160 رپيا في ليٽر جي حساب سان ڪيئن وڪرو ڪندا. هنن چيو ته رينٽ تي وٽن دڪان ۽ ڊيريون آهن جنهن جو هزارين رپيا ڪرايو ڏيڻ سان گڏ کير ۾ استعمال ٿيندڙ شاپر، رٻڙ ۽ عملي جو خرچ ملائي کير جو في ليٽر کين 200 رپين ۾ فراهم پيو ٿئي پر هو بنا منافعي جي شهرين کي 200 رپيا في ليٽر جي حساب سان فراهم ڪري پئي سگهيا پر انتظاميا سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ بنا اجلاس جي ضلعي انتظاميا پاڻمرادو 160 رپيا في ليٽر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي انتظاميا جي حڪم تي عمل نه ڪندڙ ڊيري مالڪن توڙي دڪاندارن خلاف ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ڪاررواين کان نه ڪيو ويو ته پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏينداسين.