حيدرآباد جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عائشه ابڙو خلاف ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ وارن الزامن جي جاچ شروع

0
355

ڪراچي: حيدرآباد جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عائشه ابڙو خلاف مبينه ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ وارن الزامن جي جاچ شروع، اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

درخواست گذار پاران درخواست واپس وٺڻ باوجود اينٽي ڪرپشن طرفان  جاچ جاري رکڻ جو فيصلو، ڊائريڪٽر انڪوائريز ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي خط لکي عائشه ابڙو خلاف جاچ جاري رکڻ جي سفارش ڪئي هئي

ڊائريڪٽر انڪوائريز جي خط ۾ چيو ويو آهي ته عائشه ابڙو تي سندس ڀائرن عديل حسين ۽ امير علي ذريعي مني  لانڊرنگ ڪرڻ جا الزام آهن، عائشه ابڙو تي مٽن مائٽن  جي نالي تي ملڪيتون خريد  ڪرڻ جا الزام به آهن