حيدرآباد جي آبادي 12.25 سيڪڙو واڌ بعد هڪ ڪروڙ 17 لک 27 هزار ٿي وئي

0
232
حيدرآباد جي آبادي 12.25 سيڪڙو واڌ بعد هڪ ڪروڙ 17 لک 27 هزار ٿي وئي
حيدرآباد جي آبادي 12.25 سيڪڙو واڌ بعد هڪ ڪروڙ 17 لک 27 هزار ٿي وئي

حيدرآباد ڊويزن جي آبادي ۾12.25 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي، شماريات کاتي انگ اکر ظاهر ڪري ڇڏيا آهن

شماريات کاتي موجب حيدرآباد ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 17لک 27 هزار 110 ٿي وئي

شماريات کاتي موجب 2017ع ۾ اها آبادي هڪ ڪروڙ 4 لک 47 هزار 504 رڪارڊ ٿي هئي، حيدرآباد ضلعي جي آبادي ۾ به 8.47 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي

شماريات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ سجاول  ضلعي جي آبادي 17.93 سيڪڙو  جي شرح سان واڌ ٿي

حيدرآباد ڊويزن ۾ هائوس هولڊ ماڻهن جو انگ 23 لک 30 هزار 406 رڪارڊ ٿيو آهي، جڏهن ته 2017ع ۾ 20 لک53هزار

160هائوس هولڊر هئا،هائوس هولڊ ماڻهن جي انگ ۾ 13.50 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي

شماريات کاتي موجب حيدرآباد ضلعي جي آبادي 23لک 86هزار 298 رڪارڊ ٿي، 2017ع ۾ اها آبادي 21لک 99 هزار 928 هئي

حيدرآباد ضلعي ۾ هائوس هولڊ ماڻهن جو انگ 4 لک 38 هزار 595 رڪارڊ ٿي، 2017ع ۾ اهو انگ 4 لک 39هزار 107 هو

حيدرآباد سٽي تعلقي جي آبادي ۾ 8.83 سيڪڙو جي واڌ ٿي، ٻهراڙي تعلقي جي آبادي ۾ 10.32 سيڪڙو ۽ لطيف آباد جي آبادي ۾ 8.49 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي آهي

شماريات کاتي موجب قاسم آباد تعلقي جي آبادي ۾ رڳو 4.56 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي

هي به پڙهندا

اباڻن پڊن ڏانهن واپسي چيلينج: ڀاڙن ۾ رڪارڊ واڌ بعد شهرين جا مٿي تي هٿ