حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايليٽ ڪلاس جي ڪلب جيم خانه جون اڄ 5 نومبر تي رٿيل چونڊون ٻيهر ملتوي ڪيون ويون آهن. اهي چونڊون ڪجھ اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي رد ٿيڻ خلاف مقامي عدالت پاران 10 نومبر تائين ڏنل اسٽي آرڊر جي ڪري ملتوي ڪيون ويون آهن. جيم خانه ڪلب جي اليڪشن ڪميٽي ڊاڪٽر آغا تاج، اسد جوڻيجو ۽ پير بخش راڄڙ سميت ڪجھ ٻين اميدوارن جا نامزدگي فارم مختلف سببن جي ڪري رد ڪيا هئا جنهن تي 5 اميدوارن عدالت سان رجوع ڪيو هو. عدالت جي 10 نومبر تائين اسٽي آرڊر جيڪري اڄ رٿيل چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. امڪان آهي ته 19 نومبر تي چونڊون ڪرايون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالت ۾ ويندڙ اميدوارن  اليڪشن ڪميٽي سان رجوع ڪري پنهنجا ڪيس واپس  وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن تي اليڪشن ڪميٽي به راضپو ظاهر ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ 10 نومبر تي ڄاڻايل ميمبر عدالت کي ڪيس واپس وٺڻ جي استداع ڪندا ۽ اليڪشن ڪميٽي چونڊن جي نئين تاريخ جو اعلان ڪندي. اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ميجر (ر) عمر فاروق ٻڌايو ته عدالت جي اسٽي سبب 5 نومبر تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.