حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ قيد 62 افغاني قيدين کي افغان حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي. وڏي تعداد ۾ افغاني ڄامشورو پوليس گرفتار ڪيا هئا جن خلاف منشيات وڪرو ڪرڻ جا ڪيس داخل ٿيل هئا. ڪجهه قيدي قمبر شهدادڪوٽ ۽ عمرڪوٽ مان به گرفتار ٿيا هئا. سينٽرل جيل جي انتظاميا پاران افغاني قيدين بابت حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو هو. حڪومت جي منظوري کانپوءِ انهن قيدين کي اسپيشل پوليس حيدرآباد جي حوالي ڪيو ويو جيڪا کين افغان بارڊر تائين وٺي وئي هئي جتان کين افغان انتظاميا جي حوالي ڪيو ويو. سينٽرل جيل حيدرآباد جي سپرنٽينڊنٽ ضياءُ الرحمان جو چوڻ آهي ته اهي قيدي هڪ هفتو اڳ افغان حڪومت جي حوالي ڪيا ويا هئا.