حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليم کاتي پاران حيدرآباد ۾ اسڪروٽني وارو مرحلو مڪمل ڪرڻ باوجود تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي جون سيٽون ظاهر نه ڪيون ويون آهن جنهن ڪري ٽيسٽ ۾ 40 کان 54 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوار سخت پريشان آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته تعليم کاتي پاران پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتين وارو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته 40 کان 54 مارڪون رکندڙ اميدوارن لاءِ شروع ٿيندڙ ٻئين مرحلي لاءِ تعليم کاتي اسڪروٽني وارو مرحلو 7 نومبر 2022ع تي مڪمل ڪيو هو پر ان باوجود اڃا تائين تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي جون خالي سيٽون ظاهر ناهن ڪيون ويون جنهن سبب اميدوارن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي اي او طرفان ٻئين مرحلي ۾ صرف هڪ سئو سيٽن تي اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته تعليم کاتي وٽ 180 کان وڌيڪ خالي سيٽون پيل آهن جنهن تي من پسند اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويندا.