حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد تعليمي  بورڊ جي ماتحت 9 ضلعن ۾ ٻارهين ڪلاس جي ڪيميسٽري جو پيپر ورتو ويو. ويجلنس ٽيمن ڇاپن دوران 70 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪيو. ان سلسلي ۾ تعليمي بورڊ پاران اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز علي ڪاڪا، پروفيسر مهناز درس، جاويد شورو، سجاد پالاري ۽ محمد ارشد جي اڳواڻي ۾ ٽيم گورنمينٽ گرلز ڪاليج ماتلي، گورنمينٽ بوائز ڪاليج ماتلي، الامين هائير سيڪينڊري اسڪول ماتلي سميت چئن سينٽرن تي ڇاپي دوران اميدوارن جي بدلي ۾ امتحان ڏيندڙ هڪ درجن کان وڌيڪ نوجوانن ۽ نارين کي به سينٽر تان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز علي ڪاڪا ٻڌايو ته ڇاپي دوران ڪاليجن ۾ قائم سينٽرن تي سرعام ڪاپي ٿي رهي هئي جڏهن ته اڪثر اميدوار نشي آور شيون به واپرائي رهيا هئا جنهن دوران انهن 70 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ سان گڏ فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جي بدلي ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ امتحان ڏيندڙ سندن حامي اميدوارن کي به سوگهو ڪري سينٽرن تان بيدخل ڪري ڇڏيو.