حيدرآباد: بلال ڪاڪا قتل ڪيس: 4جوابدار عدالت ۾ پيش

0
255
حيدرآباد: بلال ڪاڪا قتل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ھوٽل مالڪ ھٿان قتل ٿيل  بلال ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ڀٽائي نگر پوليس بلال  ڪاڪا قتل ڪيس ۾ گرفتار 4جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آھي، سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر چار جي عدالت پاران جوابدار شاهه سوار کي سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو

عدالت ٽن جوابدارن کي ٻيهر جسماني رمانڊ تي 2 ڏينهن لاءِ پوليس حوالي  ڪري ڇڏيو آھي، حيدرآباد ۾ ماني جي بل واري معاملي  تان جھيڙي بعد ھوٽل مالڪ پاران نوجوان بلال ڪاڪا کي قتل ڪيو ويو ھو