حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ جي ماتحت 9 ضلعن ۾ ٻارهين ڪلاس جي فزڪس جو پيپر ورتو ويو جنهن  دوران ٽيم 60 کان وڌيڪ اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري ڇڏيو آهي. اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز علي ڪاڪا جو چوڻ آهي ته ڇاپي لاءِ جوڙيل ويجلينس ٽيم گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول نصرپور، گورينمينٽ هائير سيڪينڊري اڏيرو لعل ۽ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ ۾ ڇاپا هنيا جنهن دوران ڪاپي ڪندي لڳ ڀڳ 60 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو. هن چيو ته ڇاپي دوران اسڪولن ۾ قائم سينٽرن ۾ سرعام ڪاپي ٿي رهي هئي. اميدوارن کان موبائل فون ۽ گائيڊون به تحويل ۾ ورتيون ويون. هوڏانهن شهر جي مک سينٽرن تي ڪاپي جي روڪٿام لاءِ تعليمي بورڊ پاران ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن جنهن ڪري سينٽرن ۾ وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ٿيڻ ۽ واٽس ايپ گروپن ذريعي اميدوارن پاران پيپر حل ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود فوٽو اسسٽيٽ مشينون به کليل هجن ٿيون جڏهن ته سينٽرن ٻاهران پوليس جي موجودگي دوران اميدوارن جا حامي به وڏي تعداد ۾ موجود هجن ٿا جيڪي سندن سينٽرن ۾ ويٺل اميدوارن کي واٽس ايپ ذريعي ٻاهر آيل پيپر حل ڪري کين سوالن جا جواب موڪليندا رهن ٿا.