حيدرآباد انتظاميا ۽ پوليس لاڪ ڊائون کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو

0
288

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد انتظاميا ۽ پوليس ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ بدران لاڪ ڊائون کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، ڦليلي ۽ فورٽ ٿاڻي جي حد ۾ پابندين باوجود واپارين کي پڙي لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي، پڪي قلعي ۽ گرونگر وٽ چوپائي مال ۽ پکين جي پڙي لڳائي وئي، شهرين جي ماسڪ بنا پيهه آهي، سماجي وٿي وارو اصول نظرانداز ڪيو ويو آهي، شهرين ۾ ڪورونا جي ڦهلاءُ جو خوف پکڙيل آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ پوليس رشوت وٺي شهرين جي زندگين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.