حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ چڪي جي اٽي جو اگهه 60 رپيا مقرر، ايري چانور 58 رپيا ڪلو، مڱن جي دال جو 226 رپيا اگهه مقرر، کنڊ جا اگهه ملز جي اگهه کان 3 رپيا وڌيڪ هوندا، ضلعي انتظاميا رمضان شريف جي مهيني جي آمد دوران عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، ضلعي انتظاميا پاران اگهن بابت جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهرين کي چڪي وارو اٽو هول سيل تي 58 رپيا ۽ ريزڪي دڪانن تي 60 رپيا في ڪلو ۾ فراهم ٿيندو، جڏهن ته مل وارو اٽو شهري 54 کان 56 رپين تائين خريد ڪري سگهندا، سوجي جو اگهه 58 کان 60 رپيا، معدو 58 رپين کان 60 رپين تائين فراهم ٿي سگهندو. اهڙي ريت ايري چانور هول سيل تي 55 رپيا ۽ ريزڪي دڪانن تان 58 رپين ۾ فراهم ٿي سگهندا. اسپيشل چانور شهرين کي هول سيل تي 145 رپيا ۽ ريزڪي دڪانن تان 152 رپين ۾ ملندا، نوٽيفڪيشن مطابق مڱن جي دال هول سيل تي في ڪلو 215 رپيا ۽ ريزڪي دڪاندار مڱن جي دال 226 رپين ۾ وڪرو ڪري سگهندا، چڻن جي دال جو اگهه هول سيل تي في ڪلو 115 رپيا ۽ ريزڪي دڪانن تي 120 رپيا هوندو. مصور جي دال 120 رپين کان 126 رپين ۾ ملندي. گيهه جو اگهه في ڪلو هول سيل تي 255 رپيا ۽ ريزڪي دڪاندار گيهه 275 رپين ۾ في ڪلو وڪرو ڪندا. پيٺل مرچ هول سيل تي في ڪلو 490 رپيا ۽ ريزڪي دڪانن تان 515 رپيا في ڪلو ۾ فراهم ٿيندا. پيٺل ڌاڻا 200 کان 210 رپيا، ڪارا مرچ 830 کان 870 رپيا في ڪلو ۾ فراهم ٿي سگهندا. ضلعي انتظاميا پاران گوشت جا اگهه به مقرر ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏو گوشت 480 رپيا في ڪلو، ننڍو گوشت هڪ هزار رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪيو ويندو، جڏهن ته کير جو في ليٽر اگهه 100 رپيا هوندو. انتظاميا کنڊ جو اگهه مقرر ته ناهي ڪيو. پر نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته کنڊ جو اگهه فڪس هوندو.