حيدرآباد: اغوا ڄاڻايل ناري پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ جو انڪشاف

0
479

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان اغوا ڄاڻايل ناري پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

ٽنڊو حيدر واري علائقي مان  22ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ناري پاران  پسند جو پرڻو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ ماريا پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد مڙس  ساجد بهڻ سميت خيرپور جي عدالت ۾  درخواست داخل ڪرائي آهي

ناري ماريا ملڪ جي والد پٻڻ ٿاڻي تي  غلام حسين گجر، حنيف ۽ سرفراز خلاف ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو

ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو تھ غلام حسين گجر ساٿين حنيف ۽ سرفراز جي مدد سان پهرين نومبر تي ڌيءَ کي گهران اغوا ڪري ويو

ناري جي والد موجب جيڪڏهن ماريه شادي ڪئي آهي ته  کيس حيدرآباد جي عدالت ۾ بيان  لاءِ پيش ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ميھڙ واسي پريمي جوڙي سيوھڻ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، پاڻ گهران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو آهي: ڊاڪٽر سنبل لغاري