حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 جي عدالت قاسم آباد پوليس پاران 2 ڏينهن اڳ ٽيون نمبر تلاءُ جي جاني شاهه پاڙي ۾ ڪارروائي دوران مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ڪنول کي بيان بعد هاڻوڪي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. قاسم آباد پوليس ناري ڪنول کي سندس اڳوڻي مڙس وقار ٽائون  جي رهواسي علي شير مگسي پاران مبينا طور اغوا واري ڪيس داخل ڪرائڻ بعد هاڻوڪي مڙس رجب بلوچ سميت 2 ڏينهن اڳ تحويل ۾ ورتو هو. ناري عدالت ۾ بيان ڏنو ته اڳوڻي مڙس کيس طلاق ڏئي ڇڏي آهي جنهن بعد هن رجب بلوچ سان پسند جي شادي ڪئي آهي. ناري پاران عدالت ۾ اڳوڻي مڙس جو طلاق نامو ۽ هاڻوڪي مڙس سان شادي وارو نڪاح نامو جمع ڪرائڻ تي عدالت کيس هاڻوڪي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ٻئي طرف قاسم آباد پوليس گرفتار ناري جي مڙس رجب بلوچ کي به عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي فائنل رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ته جيئن گرفتار نوجوان کي آزاد ڪري سگهجي. عدالت نوجوان کي ٽن ڏينهن لاءِ جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.