حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ثقافتي ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايت تي حيدرآباد جي مهراڻ آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم جو نالو اداڪار مصطفيٰ قريشي جي نالي تي رکيو ويو آهي. ليجنڊري اداڪار مصطفيٰ قريشي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ صوبي وزير سيد سردار شاهه طرفان خاص هدايتون جاري ڪيون ويون هيون. صوبائي وزير سردار شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اداڪار مصطفيٰ قريشي پاڪستاني فلم انڊسٽري لاءِ بي مثال خدمتون انجام ڏنيون. ليجنڊري اداڪار مصطفيٰ قريشي جي صحت جي حوالي سان مڪل طور تي آگاهه آهيان. مصطفيٰ قريشي آڊيٽوريم هال مستقبل جي آرٽسٽن ۽ هن جي مداحن لاءِ ثقافت کاتي طرفان هڪ تحفو آهي. صوبائي وزير سردار شاهه مصطفيٰ قريشي جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ هن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.