حيات پتافي (ن پ ا) حيات پتافي ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ نه هجڻ ڪري نوجوانن هٿرادو گرائونڊ ٺاهي ڇڏيو، ڪيترائي ٽورنامينٽ ٿيڻ معمول بڻجي ويا. گهوٽڪي، اوٻاوڙو، ڏهرڪي ۽ ٻين شهرن جون ٽيمون ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺن ٿيون. سرڪاري سطح تي گرائونڊ نه هجڻ خلاف نوجوانن زاهد چنڙ، مختيار احمد ۽ ٻين احتجاج ڪيو، جن جو چوڻ هو ته سرڪاري سطح تي راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن، نوٽيس وٺي گرائونڊ ٺهرايو وڃي.