حيات پتافي (ن پ ا) حيات پتافي شهر مان يارهين ڪلاس جي شاگرد مرسلين مشوري کي جروار پوليس کنڀي کڻي وئي آهي. پيءُ جمالدين مشوري دانهيندي چيو ته پٽ دڪان تي ويٺل هو، جتان کي جروار پوليس کڻي وئي آهي، جيڪو بيمار پڻ آهي جنهن کي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو جنهن کي پوليس ظاهر به نه ٿي ڪري. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته منهنجي پٽ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو هنن جو منصور مشوري سان ڏهه ويسا پلاٽ تان مسئلو هلندڙ آهي، جنهن جي درخواست تي شاگرد کي گرفتار ڪيو آهي.