حوا جي ڌيءُ

0
498
حوا جي ڌيءُ

 ڪٿي وڃي رهي هئس ته رستي ۾ هڪ والد ڏٺم، جيڪو پنهنجي ٻن ٻارن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي اسڪول وٺي وڃڻ لاءِ اڃان گھر جي دڪي تي ئي  بيٺو هو. ڇوڪريءَ ٿورو گھٽي ۾ اڳيان وڃي چڪي هئي هن جي عمر تقريبن نو، ڏهه سال هوندي. انهن جو پيءُ گهر وٽ ان ڪري هو ته ڇوڪرو ضد ڪري رهيو هو مون کي رنگ کپن .پوءِ اسڪول  ويندس. ان جي عمر ست اٺ سال هوندي. اهي رنگ ڇوڪريءَ جا هئا ، انهن جي گفتگو مان اهو ئي ظاهر ٿيو پئي. پيءُ بجاءِ ننڍڙي کي سمجھائڻ جي ننڍڙِيءَ کي چوڻ لڳو،  “هتي اچ بابا هتي اچ جلدي رنگ ڏي. جلدي ڪر رنگ ڏي” .  ۽ ويندي ويندي منهنجي آخري نظر پئي ته ننڍڙِي بيگ مان رنگ ڪڍيا. ان سڄي قصي جو پس منظر ڇا به هجي پر ان مهل ڪنهن کي جهڪايو ويو. ننڍڙِيءَ کي، حوا جي ڌيءَ کي. اسان جي معاشري ۾ ڀلي ڪيترو به عورتن جي حقن لاءِ ڳالهايو ٿو وڃي پر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪو ٿيندو آيو آهي، ۽ شايد ٿيندو رهندو. علامه اقبال چئي ويو:

 “ وجودِ زن سي هي ڪائنات مي رونق”

صحيح  چيواٿس ،  بلڪل اها عورت ئي آهي جيڪا اسان جي معاشري جي سونهن آهي پر ان سان ٿيندڙ ظلم ناقابل برداشت آهي. ڪڏهن جسماني، ڪڏهن ذهني ۽ ڪڏهن نفسياتي طور تي ان کي ٽارچر ڪيو ويندو آهي.  پوءِ اهو اسان جي سماج جي انتهائي پڙهيل ڳڙهيل عورت سان به ٿئي ٿو، ته هڪ اڻ پڙهيل سان به.  چاهي اها عورت شهر جي ڪا ماڊرن عورت هجي يا وري اسان جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ هڪ عام عورت.  فرق صرف ايترو آهي ته ماڊرن عورت سان ٿيندڙ زيادتيون ڪجهھ ٻئي نموني ٿينديون آهن ۽ ٻهراڙي جي عورت کي ڪنهن ٻئي طريقي سان ستايو ويندو آهي. نياڻي پنهنجي ئي سماج ۾ محفوظ ڪونهي. ڀلي اسان بظاهر عورت کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي .

اڄ جي عورت امپاور ٿي چڪي آهي پر مردن جي سوچ اڃان امپاور نه ٿي آهي. ٻهراڙي ۾ اڄ به ماءُ پنهنجي ڌيءُ کي ڀاڄي ۾ هڪ ٻوٽي وجھي ڏيندي  آهي ۽ پٽ کي ٻه.   جيڪڏهن توهان وٽ حالتون ڪجهھ بهتر نه آهن ته پوءِ ڀلي شهر ڇو نه  هجي ، توهان اڪثر پٽ کي تعليم ڏيڻ ضروري سمجهندا ، ڌيءُ هتي به توهان جي ۽ منهنجي جوڙيل هنن قانونن تي چپ ڪري ويهي رهندي . ٻهراڙي يا ننڍن شهرن ۾ اڄ به وڏو ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ته بائيڪ تي کڻي گھمائي ايندو پر ڀيڻ کي پاڻ سان نه ويهاريندو. ڇوڪريون  بازار نه وينديون آهن. انهن کي ضروري سامان لاءِ يا ڪنهن ڪم لاءِ ڇوڪرن ڏي نهارڻو پوندو آهي. تازو ئي جيڪو فيصل آباد وارو واقعو ٿيو آهي ان ته جيءُ ساڙي ڇڏيو آهي. اسان جي قوم آخر ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي . اهي عورتون جن جي جسمن تان ڪپڙا لاٿا ويا يا انهن کي ڪپڙن لاهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، اهي به سماج جون اٻوجهه،  عورتون ئي هيون. هڪ اهي مرد جن انهن کي اگھاڙو ڪيو ۽ هڪ اهي جن ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي. ڇو نه ڪن؟ عورت سماج لاءِ هڪ پبلڪ پراپرٽي ئي ته آهي .

سمجھه ۾ ايئن اچي پيو ڄڻ عورت اسان جي معاشري لاءِ بس هڪ مزي جو سامان آهي. ڇا عورت جي ڪا دل ڪونهي؟  هن کي جيئڻ جو ڪو حق ڪونهي. ؟  هن جا جذبات ڪونه آهن  ؟  ڪجھه ماڻهو، ڪجھه دُريون هن تي مذهب جي آڙ ۾ روڪ ٽوڪ ڪنديون آهن غرض هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي طريقي سان عورت جي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اسان جي دين ۾ ته عورت کي آزادي ۽ برابري جا حق حاصل آهن.  جيڪا عورت پڙهي لکي پنهنجو هڪ نالو ڪري پنهنجي  وجود کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي به چڪي آهي ته ان کي ڪيترن مشڪل رستن تان گذرڻو پيو آهي اهو به توهان کي ضرور ڪڏهن ٻڌائينديس.

  ٿورو گھڻو ايترو چونديس ته تعليمي ادارن ۾ مختلف پروگرامن ۾ توهان کي گھڻي ڀاڱي مرد ڏسڻ ۾ ايندا.  مقابلي جي ججن جو انتخاب هجي يا ڪنهن تعليمي ڪميٽي جو،  ننڍن شهرن ۽  ڳوٺن جي ادارن ۾ اڄ به عورتن کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويندو آهي. آفيسر طبقو به پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪا عورت هوندي ته لنوائيندو پيو. اول ته ان کي ان ڪرسي تائين اچڻ  ئي نه ڏنو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا مشڪلاتن جي رستي تان لنگهي اتي پهچي به وئي ته ان کي چيو ويندو توهان ماٺ ڪري ويهو اسين ويٺا آهيون. مطلب توهان کي ڪو حق ڪونهي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو. توهان بس ڪرسي سنڀاليو فيصلا پاڻهي ٿي ويندا . توهان  کي اهڙا   ڪيترا ئي مثال اسان جي تعليمي اداري ۾ ملندا.

ڇوڪريءَ کي اعليٰ تعليم تمام مشڪل سان ڪير ڏياريندو آهي . پهرين  ته اڄ جي تاريخ ۾ به ڪيتريون ئي عورتون علم جي زيور کان محروم آهن. جيڪي جيئن تيئن ڪري وڏن شهرن تائين پهچن ٿيون ته انهن کي خودڪشين جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي. الزام ۽ بهانا کوڙ هڻي.

سگريٽ نوشي خراب آهي چاهي مرد ڪري چاهي عورت . پر عورت جيڪڏهن سگريٽ پيتو ته اهو وڏو ظلم ڪري وڌو. شراب پيئڻ يقينن صحت لاءِ نقصان ڪار آهي جيڪو ٻنهي کي نه ڪرڻ گھرجي. جنهن جي سختي سان منع ڪيل آهي. اها هڪ سماجي برائي آهي .پر جيڪڏهن عورت کان اها غلطي ٿي ته توهان جو ڪردار مشڪوڪ ٿي ويندو. ٿيڻ ٻنهي لاءِ برابر گھرجي.

مطلب اهڙيون ڪيترون ئي چڱيون ۽ خراب ڳالهيون آهن جيڪي مرد ڪري سگهي ٿو پر عورت اهو سوچي به گناهگار ٿي ويندي. هي معاشري جو تمام وڏو بگاڙ آهي ان کي جلد کان جلد درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪا قوم پنهنجي نياڻي کي عزت نٿي ڏئي سگهي پوءِ اها ڪجھه به صحيح نه ڪري سگھندي. اسان جي معاشري جا اهي مرد جن پنهنجي نياڻين سا گڏ پنهنجي سماج جي عورت کي تسليم ڪيو آهي عزت ڏني آهي ۽ هر قدم تي ساٿ ڏين پيا انهن کان سڀني کي سکڻو پوندو ۽ انهن  جي به اها ذميداري آهي ته هو پنهنجي تعليم تربيت جو دائرو وڌائن ته جيئن معاشري جي هن خطرناڪ  رويي جو اختتام ٿي سگهي.