لاهور (م ڊ) پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري بعد ٿيل احتجاج ۾ مظاهرين جتي مختلف شهرن ۾ رستن تي نڪري آيا، اتي مظاهرين فوجي ملڪيتن، جهڙوڪ راولپنڊي ۾ پاڪستاني فوج جي هيڊ ڪوارٽرز (جي ايچ ڪيو) ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور جي عمارتن کي به نشانو بڻايو، ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي ٿيل حملي ۾ ٻن قسمن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي نظر آيون. جتي ڪجهه وڊيوز ۾ مڇريل مظاهرين ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور ۾ گهڙي ٽوڙ ڦوڙ ڪندي نظر آيا، اتي ٻئي طرف اهڙيون وڊيوز به ڏسڻ لاءِ مليون، جن ۾ مظاهرين ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور مان روز مرهه جي استعمال جي شين سان گڏوگڏ گهريلو سامان پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا هئا، اهڙي ئي هڪ وڊيو ۾ جتي ماڻهو کائڻ پيئڻ جون شيون جهڙوڪ کير، ميوا وغيره کڻي ويندي نظر آيا، اتي اهڙا منظر به ڏسڻ لاءِ مليا، جن ۾ ماڻهو ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور مان قورمو ۽ ڪوڪ جون بوتلون به کڻي ويندي ڏٺا ويا.