حمزه ڪلين بولڊ: پرويز الاهي کي اڄ رات ئي حلف کڻائڻ جو حڪم: ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار: پي ٽي آءِ جو جشن

0
327

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب جي وڏي وزير بابت پرويز الاهي جي درخواست منظور ڪندي ٽرسٽي وڏي وزير حمزه شهباز کي گهر موڪلي ڇڏيو
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي ق ليگ ميمبرز جا ووٽ رد ڪرڻ بابت رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته حمزه شهباز وڏو وزير ناهي، پرويز الاهي وڌيڪ ووٽ کنيا، ان ڪري هو وڏو وزير آهي
عدالت پنجاب ڪابينا کي ڪالعدم قرار ڏيندي پرويز الاهي کي رات ساڍي 11وڳي تائين حلف کڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي
سپريم ڪورٽ مختصر فيصلي ۾ حمزه شهباز جي ڪابينا طرفان ڪيل سڀ فيصلا به ڪالعدم قرار ڏنا آهن
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حمزه شهباز وڏو وزير ناهي رهيو، تنهنڪري سندس ٽرسٽي وڏي وزير طور ڪيل سموريون مقرريون ۽ بدليون به رد ڪجن ٿيون