اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر ۽ علي محمد خان کي سپريم ڪورٽ ۾ داخلا جي اجازت نه ملي، سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي چونڊ بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر، علي محمد خان ۽ فواد چوڌري عدالت ۾ وڃڻ لاءِ پهتا ته انتظاميا حماد ۽ علي محمد خان کي عدالت ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن تي فواد چوڌري پوليس کي درخواست ڪئي ته حماد بيرسٽر آهي ان کي اچڻ ڏيو، پر پوليس حماد ۽ علي محمد کي اچڻ جي اجازت نه ڏني جنهن تي فواد چوڌري ٻنهي کي ڇڏي پاڻ عدالت هليو ويو.