ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پاران سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزارتن کي نوٽيس جاري ڪري 25 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري 2021ع ۾ سنڌ جي گهرو کاتي کي حليم عادل شيخ کي اپوزيشن ليڊر طور سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو. حليم عادل شيخ جي جان کي خطرو آهي، مٿس ڪيترا ڀيرا حملا به ٿي چڪا آهن، عدالتي حڪمن تي اڳ ۾ به سياسي اڳواڻن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، استدعا آهي ته حليم عادل کي به سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.