ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سانگهڙ جي اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران  بيلٽ پيپر کڻي ويندڙ رڪشا جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، ڪالهه ٽوئيٽ ڪندي هن لکيو آهي ته  الڪيشني عملو  رڪشا ۾ بنا ڪنهن  سيڪيورٽي جي بيلٽ پيپر وٺي وڃي رهيو آهي،  هن چيو ته سنڌ ۾ اسان جي اميدوارن جا فارم ڄاڻي واڻي رد ڪيا پيا وڃن،