ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ حليم عادل شيخ خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل، گرفتاري لاءِ پوليس جي گهر تي چڙهائي، ڪارڪنن جو احتجاج، پوليس تي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه جو الزام، ان ڏس ۾ ملير اٿارٽي (ايم ڊي اي) جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رياض بيگ گلشن معمار ٿاڻي تي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، حنيف ڪاڪڙ، ارشاد ڪاظمي سميت  15 کان 20 ماڻهن تي زمين تي قبضي جي ڪوشش ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ايف آءِ آر  ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا، فريادي موجب اسان کي زمين تي قبضي جو اطلاع مليو، اسان سرزمين تي پهتاسين ته حليم عادل شيخ ۽ ٻين جان سان مارڻ جي نيت سان فائرنگ ڪري ڏني. ٻئي طرف پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڊالميا ۾ واقع حليم عادل شيخ جي گهر تي ڇاپو هڻي تلاشي ورتي پر حليم عادل گهر ۾ موجود نه هو، ڇاپي جي اطلاع تي ايم پي اي خرم شير زمان ۽ ٻين حليم عادل شيخ جي گهر پهچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو. هوڏانهن حليم عادل شيخ جي ترجمان پوليس تي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه جو الزام مڙهيندي  چيو  ته گهر ۾ حليم عادل شيخ جي ڌيءَ جي شادي جون تياريون هلندڙ هيون، مهمان به موجود هئا، پوليس بنا وارنٽ گهر ۾ داخل ٿي مائٽن ۽ مهمانن کي هراسان ڪيو، ٻئي طرف اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل موجب 9 پوليس موبائلن ۾ سوار پوليس اٽالن حليم جي گهر تي چڙهائي ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ  موجب حليم عادل جي ڌيءَ جي شادي جي تيارين وقت گهر تي چڙهائي شرمناڪ عمل آهي