حقيقي استادَ “ماستر نه پر رهبر” هوندا آهن : استاد جي عالمي ڏينهن تي شاگردن پاران ڀيٽا پيش

0
470

 دنيا جَي عظيم پيشي سان واڳيل استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، سوشل ميڊيا تي به استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو، شاگردن طرفان سوشل ميڊيا تي استادن جون تصويرون شيئر ڪري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان حوالي سان مقبول احمد ۽ مشتاق حسين تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي. گوسڙو، ڪرپٽ ۽ ڪمدار ماسترن کانسواءِ سڀني معزز استادن کي سلام، فيصل رضا پوسٽ شيئر ڪئي ته زندگي سنوارڻ ۾ انسان کي جيڪو تراشي گهڙي هڪ مهذب ماڻھون بنائڻ ۾ ڪنهن مهان ھستي جي عظيم ڪاريگري هوندي آھي اهو استاد ئي هوندو آھي، هونئن هر فيلڊ ۾ ڪو هڪ اهڙو استاد ضرور مليو جيڪو دل کي انتهائي قريب رهيو آھي،  خوش نصيب انڪري آھيان جو مونکي اسڪول لائيف ۾ جن استادن پڙھايو انهن سڀني استادن جو استاد اهو شخص هيوجيڪو منهنجي لاءِ منهنجي زندگي هيو، جنهن چيچ ۾ جهلي هلڻ سيکاريو، ۔هر انگل اکين تي رکي ڪڏهن منهنجي مرڪ ميري ٿيڻ نه ڏني، سندس شخصي پاڇو مون تي ايترو ڀاري ٿي پيو آھي جو اڄ سندس لاءِ ٻه لفظ لکڻ مون مٿان ڳرا ٿي پيا آھن، بابا سائين رضا محمد، منهنجو هيرو منهنجو بابا. معروف چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استادن جي عالمي ڏينهن تي دنيا جي سڀني استادن کي نھايت ئي ادب و احترام ڀريو سلام، استاد بادشاهه ناهي هوندو پر بادشاهه بڻائيندو آهي.

حسين مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان هي استادن جو ڏهاڙو خاص ڪري پنهنجي استاد، منهنجي بزرگ، منهنجي دوست، منهنجي رهنما، منهنجي مرشد، هڪ هميشه دلڪش ۽ هڪ ناقابل فراموش شخصيت مرحوم ستار مهر صاحب کي وقف ڪريان ٿو. محمد ايوب ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  مون پنج درجا پنھنجي ڳوٺ جي مرحوم استادن سر عبدالحق سر عبدالحئي، سر محمد قاسم، سر غلام مرتضا، سر الھڏنو بڙدي ۽ سر محمد حسين عرف سائين وڏي وٽ پاس ڪيا، انگريزي وڳڻ ھاءِ اسڪول ۾ سر شفيع محمد شيخ، سر علي محمد ابڙو( مرحوم) سائين محمد عثمان بروھي، سر علي محمد چانڊيو، سر عبدالھادي سرھيو، سر صاحب ڏنو سوھو،سر محمد ايوب سانگھرو، سر دوست محمد ڪنڀر، سر شبير عباسي، سر نبي بخش ميمڻ،سر غلام محمد ميمڻ سر اميربخش شيخ، سر شفيع محمد مغيري ۽ ڪجھه استادن جا نالا وسري ويا آھن ۽ انھن استادن جي ڪري ئي سڀ ڪجهه آهيان. حفيظ ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽيچرس ڊي… منهنجي ذهن سازي ڪندڙ ڪجهه استاد… بابا مذهب، ادب  جا شروعاتي سبق پڙهائيندي جيڪو مطالعو ڪندو هو سو آخر تائين شيئر ڪندو رهيو. تاريخ جا سبق .. ڊاڪٽر مبارڪ علي، فلسفو  پروفيسر فريد شيخ ۽ پروفيسر مٺا خان مري، انگلش لٽريچر سائين محمد حسن بودلو زرداري (جنهن مون کي مڃتا ڏني) سليم ڪنڀر پرائمري اسڪول ۾ روشن خيالي، ليفٽ  جا سبق پڙهايا.. ٻيا موسي ماڇي کان وٺي ڏتل لغاري، تائين سوين هاري ناري استاد جن  منهنجي ذهن سازي ڪئي…سڀني کي سلام. گلزار چنا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏فيس بڪ توکي به استادن جو عالمي ڏهاڙو مبارڪ هجي،تون به وڏا وڏا سبق ڏنا آھن. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجا سياسي، سماجي ۽ ادبي استاد، جن جي تربيت ۽ لکڻين مون کي اتساھ ڏنو، استادن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي محسن استادن جي عظمت کي سلام پيش ڪريان ٿو. فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنهن پل پڙهايو، ڪنهن مهينو محنت ڪئي،

ڪنهن سال سيکاريو، انهن سڀني استادن کي سلام، پر زندگي ذري ذري سيکاري ٿي ان جهڙو استاد ٻيو ڪو ٿي نه ٿو سگهي، شير بانو ڪاڪا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استاد جو فرض تڏهن پورو ٿيندو جڏهن هو پنهنجي شاگردن کي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه پر هن تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ پنهنجي وجود جي بقا جي تعليم ڏئي. جنهن تي جتوئي محمد اسحاق لکيو ته اسان جي معاشري ۾ امتحاني مرڪزن تي سبجيڪٽ ٽيچر پاڻ پنهنجا مبارڪ قدم کڻي وڃي پنهنجي شاگردن کي ڪاپي ڪرائي پاس ٿا ڪرائن ته جيئن خبر پوي ته فلاڻي استاد واھ جي محنت ڪئي آهي ٻارن تي، اڳتي شاگردن جو نصيب.قاضي رزاق لکيو ته بلڪل ھنن شاگردن کي اڳيان وڌي مھذب دنيا جي انسانن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلڻو آھي. سارنگ جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زندگي ڪنڊن جي سيج آهي، جنهن کي هڪ اُستاد، رهبر ۽ سونهون گُلن جي سيج بڻائيندو آهي، آئون ان حوالي سان خوش نصيب آهيان، جو مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پنھنجي والد تاج جويي، پنهنجي چاچي خاڪي جويي، سائين عطا محمد ڀنڀري، سائين دلشاد ڀُٽي سينيئر ۽ سائين رسول بخش درس  جي صورت ۾ عظيم اُستاد مليا، جن مون کي ڌرتيءَ سان عشق ڪرڻ سيکاريو، جن مون کي انسانيت لاءِ جيئڻ سيکاريو ۽ جن مون کي ادب جي الف کان ۽ سياست جي سين کان واقف ڪرايو، اڄ آئون جيڪو ڪجھه آھيان انھن عظيم استادن جي تربيت ۽ نظرياتي ۽ فڪري لکڻين جي ڪري ئي آھيان.

اُستادن جي عالمي ڏينهن تي آئون پنهنجن انهن عظيم اُستادن کي قومي سلام پيش ٿو ڪريان. قيوم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته استادن جو عالمي ڏينهن، بهترين استاد والد پير منور حسين چانڊيو، باوقار ٽيچر چاچو بختيار احمد چانڊيو ۽ محنتي استاد ڀاءُ عبدالوهاب چانڊيو کي سلام، سماج ۾ شعور بيدار ڪندڙ منهنجو استاد ڪامريڊ امان الله چانڊيو کي اڄوڪي ڏينهن تي ڪيئن ٿو وساري سگهجي. ڪامريڊ سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته استاد رسول بخش پليجو جنھن زندگي گذارڻ ۽ جدوجھدڪرڻ جا نوان رستا ڏيکاريا. ايڊووڪيٽ عاصمه عظيم ابڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته 5 آڪٽوبر استادن جي عالمي ڏهاڙي تي منهنجن سمورن استادن سميت دنيا جي سمورن استادن کي سلام پيش ڪريا ٿي ۽ ان سان گڏ پنهنجي بابا سائين کي به، منهنجو پهريون استاد منهنجو بابا ئي هيو جنهن هٿ وٺي قلم سان سليٽ ٿي لکڻ سکاريون جنهن ڪاٺ جي ٺهيل پٽي تي ميٽ لڳائي ڏنو جنهن کي زندگي جو سبق پڙهايو، سيد عبدالجبار بخاري پوسٽ شيئر ڪئي ته استادن جي عالمي ڏينھن تي سڀني مانوارن استادن کي سلام پيش ڪريان ٿو، محترم استاد جاويد علي جاگيراڻي ۽ استاد ماجد علي جاگيراڻي کي سلام پيش ڪريون ٿا، تمام انهن استادن کي تعليم جي ميدان ۾ مونکي اڳتي آندو ۽ ميڊيا جي فيلڊ ۾ کڻي آيا، ورثا پيرزادو پوسٽ شيئر ڪئي ته سمورن ماڻهن جن مون کي پڙهايو، سيکاريو، علم جي روشني سان روشناس ڪيو انهن سڀني کي استان جي ڏينهن جون واڌايون، زاهد چانڊيو ۽ فياض حسين راهوجو پوسٽ شيئر ڪئي ته صرف ”ماستري“ وٺڻ سان ”ٽيچرس ڊي“ جون مبارڪون نه وٺڻ گهرجن. حقيقي استادَ ” ماستر نه پر رهبر“ هوندا آهن. هو اسان جي اکين ۾ خواب سجائيندا آهن. اسان جون راهون هموار ڪندا آهن ۽ اسان جي سفر جا بهترين ساٿي هوندا آهن. اهڙن استادن کي هن ڏڻ جو لک لک مبارڪون.جاويد اقبال لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪئي ته هڪ استادَ جو پيشيوراڻو بلڪ قومي فرض آهي ته پنهنجي شاگردَ جي، پنهنجي قومَ جي آئيندي جي، اهڙي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪري جو منجهس جرئت، همت ۽ عزت جو احساسُ پيدا ٿئي ۽ کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته ڪنهن وڏيري ننڍيري، خانَ ۽ سردارَ جي پيرن ۾ ويهڻ ۾، سندس آڏو ٻانهون ٻَڌي چارئي پَهرَ چاپلوسي ڪرڻ ۾، عزت ڪونهي. عزت ڪتابن پڙهڻ ۾ آهي.

عزتَ پنهنجي سمجههَ، علمُ فهمُ ۽ فضيلتَ وڌائڻ ۾ آهي. عزت پاڻ اندر قابليت پيدا ڪرڻ ۽ مسلسل وڌائيندو رهڻ ۾ آهي. پر جڏهن استادُ پاڻ صاحبِ اختيار جو خوفُ پاڻ مٿان غالب ڪري، ٽَڪي جي مفادن سبب پنهنجي اَمُلهه عزت وڃائي، چارئي پَهرَ خوشامدي بڻيو سندس اڳيان پٺيان پيو هٿَ ٻڌي طوافُ ڪري ته پوءِ کيس استادُ سڏرائڻ جو حقُ نه ٿو پهچي. ان سان هُو پنهنجي عزت نفس سان گڏوگڏ پنهنجي پيشي جو تقدس پڻ مجروحُ ڪري رهيو آهي. استادُ ڪير؟ هڪ ڀيري امام ابو حنيفه رح کان سندس پياري شاگردَ امام ابو يوسف پڇيو ته “استاد ڪيئن ٿيندو آهي؟“ پاڻ فرمايائون: “استادُ جڏهن ٻارن کي پڙهائي رهيو هجي ته کيس غورَ سان ڏسو. جيڪڏهن کين ائين پڙهائي رهيو آهي ڄڻ ته سندس پنهنجا ٻچا هجن ته سمجهجو ته واقعي به اُستاد آهي. پر جيڪڏهن کين ٻين جو اولادُ سمجهي پڙهائي ٿو ته پوءِ سمجهي وٺجو ته استادُ ناهي.“ بشير چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڻ خوشنصيب آهيون جو  انسانيت سان اڄ به اجرو پيار ڪريون ٿا ۽ پنهنجي اولاد کي انسانيت جو درس ڏيون ٿا .ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين بهترين استادن پرورش ڪئي آهي  پهرين استاد منهنجو ابو منهنجو والد صاحب جنهن ساڃاھ وارا سبق سيکاريا . پهرين درجي کان بي اي تائين جن استادن سٺي تربيت سٺي تعليم انسان ذات سان سٺا رويا سيکاريا انهن جو اڄ به ٿورائتو آهيان . حق سچ جو ساٿي بڻجڻ حق سچ جو آواز اٿارڻ حق سچ جو قلم کڻي قلم جو ڳاٽ اوچي رکڻ کان جن به شعور وند ساٿين سبق سيکاريا . اڄ به انهن جو ٿورائتو آهيان ٿورائتو رهندس جن نفرت کان پرهيزگاري سيکاري. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منھنجا ڪيترائي استاد آھن ۽ اڳتي به ٿيندا انڪري استاد نالي کي سلام، رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪئي ته عبادت جا ڪي ڏينهن ٿوري هوندا آھن  مونکي استاد هجڻ تي هميشه  فخر آھي  بس فرض سمجهي خدمت ڪريو  ان جو اجورو به ملي ۽ سائين به سڏجون. الطاف پيرزادو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ جيڪي ڪجھ بہ آھيون پنھنجي استادن جي ڪري ئي آھيون. سو استادن جي عالمي ڏينھن تي پنھنجي سمورن استادن کي سلام، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته والدين سميت، سڀني استادن کي سرخ سلام!! شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪئي ته شاگردن ۾ شعور پيدا ڪندڙ سمورن استادن کي سلام… علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪئي ته هنن جون چماٽون اڃا ياد آھن، اکيون کول او قوم “استاد” آھن…!

فضل ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استاد مظفر حسين سولنگي کي نمي سلام……!!! ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي، مان دوستن سان گڏ ھڪ دڪان تي ويٺو هئس ته استاد مظفر موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو، جيئن ئي استاد مظفر تي اک پئي ته دڪان مان اٿي ڊڪ پائي استاد کي وڏو سڏ ڪيو ۽ استاد مظفر بيهي رهيو، استاد مظفر جي مان پيرن تي هٿ رکي مليس، اڃا هڪ ٻئي کان حال احوال وٺڻ ئي شروع نه ڪيو ته استاد مظفر چيو ته مون کي هڪ شاگرد ڏسي سلام ئي نه ڪيو، اسان ته انهن کي ٻچن جيان پڙهايو آهي، استاد مظفر اها به ڳالهه ڪئي ته جيڪي استاد جي عزت نه ٿا ڪن اهي پيءُ ۽ ماءُ جي ڪهڙي عزت ڪندا هوندا ؟ ان ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته پنهنجي استادن کي عزت ڏيو جيڪي توهان کي روزي روٽي جي قابل بڻائين ٿا. مرڪ منان پوسٽ شيئر ڪئي ته استادن جي عالمي ڏينهن ته انهن استادن کي ڪروڙين سلام، جن شاگردن کي پنهنجي اولاد جو درجو ڏئي پنهنجي شفقت ۽ عظمت جي ڇانوَ ۾  سندن اصلاح ۽ تربيت ڪري تعليمي ميدان سان گڏوگڏ زندگي جي ڏکن مرحلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اڳ کان اڳڀرو ڪيو. استاد جو درجو تمام اعليٰ ۽ رُتبي وارو آھي، استاد ته سڀ بهترين آھن پر ڪجھ اهڙا استاد به آھن جيڪي والدين جيان زندگي جي هر ڏکئي ۽ ڪٺن حالتن ۾ حوصلا افزائي ڪندا رهن ٿا. انهن استادن منجهان سائين سڄڻ سوڍر پڻ هڪ آھي،

جنهن مون منجھ همت، حوصلو ۽ جستجو ڪرڻ جو چاھ پيدا ڪيو، سائين سڄڻ بنا ڪنهن فرق ۽ حساب جي هر اخلاقي مدد ڪئي، جنهن منهنجي اندر اهو عزم پيدا ڪرايو ته سنڌ جي هڪ ننڍڙي شھر ”وارھ” مان نڪري سنڌ جي وڏن شھرن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪري هڙني مدي خارج ريتن رسمن کي ٽوڙجي. اڄ به جڏھن زندگي جي ڪنهن موڙ تي بي ڌڙڪ ٿي کائنس ڪائي صلاح مشورو وٺندي آھيان ته سائين هميشه جيان خوش اصلوبي سان همت افزائي ڪندو رهندو آھي. منصور نثار پوسٽ شيئر ڪئي ته قمبر جي بهترين استادن کي سلام،  پيرن تي هٿ….سائين حبيب الله چانڊيو، سائين امان الله چانڊيو، سائين جاويد هڪڙو (مقتول) سائين عزيز ڇڄڙو پرائمري جا پنج درجا پڙهايا. سائين امام الدين ڀٽو، سائين منظور چانڊيو، سائين زاهد ميمڻ، سائين علي اڪبر ابڙو، سائين غلام سرور سولنگي ۽ سائين ٻانهو خان ڇهين ستين اٺين نائين ڏهين پڙهائي. بائيولاجي ۾ سائين حضور بخش، ميٿ ۾ سائين فياض، سائين سرور ميتلو ياد آهن، سڀني کي نوڙي سلام، استادن جو عالمي ڏهاڙو آهي ۽ آئون هي ڏينهن پنهنجي ٻن استادن سائين علي اڪبر ابڙو ۽ سائين حبيب الله چانڊيو جي نانءُ ڪريان ٿو، سائين علي اڪبر ابڙو جنهن کي گلن سان پيار هو، پنهنجي شاگردن جي پرواهه به انهن گلن وانگر ئي ڪندو هو، ايمانداري سان ڊيوٽي ۽ پنهنجي شاگردن کي پڙهائڻ جو زبردست مثال آهي، سائين اڄ اسان وچ ۾ ناهي پر سندس پنهنجي محنت ۽ سچائي جي ڪري سدائين ياد رهندو. سائين کي سلام پيش ڪريان ٿو… ٻيو سائين حبيب الله چانڊيو جيڪو سدائين اسان کي پرائمري اسڪول ۾ موجود ئي ملندو هو، سائين جي ئي اها محنت هئي جو هڪ ٻئي يعني مين پرائمري اسڪول اندر ئي ان اسڪول جي مقابلي ۾ سائين واري اسڪول ۾ شاگرد وڌيڪ هوندا هئا ۽ پڙهائي وڌيڪ هوندي هئي…سائين اڄ اسان وچ ۾ ناهي پر پنهنجي محنت ۽ سچائي جي ڪري سدائين ياد رهندو.