خيرپور (رپورٽر) صحت کاتي خيرپور طرفان حفاظتي ٽڪن جو عالمي هفتو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي، اي ڊي ايچ او ڊاڪٽر محمد باقر يوسف جتوئي، اي پي آءِ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالحق ميتلو ۽ ڊاڪٽر محمد پريل جوکيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي ايچ ڊي سي بلڊنگ کان چانڊيا موڙ تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. صحت کاتي جي ضلعي عملدارن جو چوڻ هو ته 24 کان 30 اپريل تائين صحت کاتي جون ٽيمون ٽي بي، پوليو، وڏي کنگهه، جهٽڪن، ڪاري ڪامڻ، گردن ٽوڙ بخار، نمونيا ۽ ارڙي جهڙين بيمارين کان بچاءَ لاءِ ٻارن کي ٽڪا لڳائينديون. هنن عوام کي اپيل ڪئي ته صحت کاتي جي ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ته جيئن ٻارڙن جون زندگيون محفوظ بڻائي سگهجن.