ڪراچي (نمائندن وٽان) حضور اڪرم ﷺ جي شان جي توهين ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون  ويون.ان ڏس ۾خيرپورناٿن شاھ ۾جمعيت علماءِ اسلام گوزو حضور اڪرم ﷺ جي شان جي توهين ڪرڻ خلاف حافظ حاجن لغاري، قاري اسدالله لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسه اسلاميه انوار صحابه گوزو کان چانڊڪا اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي. جي يو آءِ ڪنب پاران رسول پاڪ جن جي شان ۾ گستاخي ۽ ڪنب ۾ ھلندڙ شراب جي گتي خلاف مولانا حماد الله پنھور، بدر الدين عثماني ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ناموس رسالت  ريلي  ڪڍي وئي.گمبٽ ۾ بھار مدينه ميلاد ڪاميٽي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ انجمن نور مصطفيٰ طرفان ريلي ڪڍي وئي.پيروسڻ ۾ جماعت اصلاع المسلمين پاران ڳوٺ فيض محمد موجائي ۽ زوار پيرل راڄپر کان ريلي ڪڍي شان مصطفيٰ ريلي ڪڍي وئي.دولتپور صفن ۾ السيد فلاحي تنظيم پاڪستان پاران احمد علي شاهه، سليم شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،مٽياري ۾ جماعت اھلسنت پاران حافظ بشارت علي طاھري،عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. قمبر ۾ تحريڪ جوانان پاڪستان طرفان عبدالقادر سانگاھ، شفقت راھوجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.لاڙڪاڻو سماجي اتحاد اڳواڻ شيخ حافظ بشير احمد حسني، رستم شاهه، غلام رسول عمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ڳڙهي حسن ۾ بگن شاھ بخاري، ارسلاح  کوسو، مولوي بشير ڪنراڻي احتجاج ڪيو. نئين ديري ۾ مولانا اسد الله ڀٽو، حافظ برڪت ڪرٽيو، حافظ سرفراز سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.اڳواڻن جو چوڻ ھو ته انڊيا جي حڪمران جماعت جي ھڪ عورت اڳواڻ پاران نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم خلاف گستاخانه لفظ ڳالھائڻ سان پوري امت مسلمه جي دل آزاري ٿي آھي. اسان انڊيا جي حڪومت کي خبردار ڪيون ٿا ته فوري طور ملعونه اڳواڻ کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.