حسيب جوڻيجو جو قتل: سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل: انصاف جو مطالبو

0
255

 سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سکر جي ڪارڪن حسيب جوڻيجو جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو، جسٽس فار حسيب جوڻيجو ٽرينڊ هلايو ويو، حسيب جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انتهائي ڏک جي خبر آهي، اسان پهريان ئي ماجد حيدري کي سرعام کنڀي گم ڪرڻ تي پريشان هئاسين ته وري SUP سکر جي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جو بيدرديءَ سان قتل ڪيل لاش سکر پاسي قريشي ڳوٺ مان مليو آهي جيتري قدر مون کي خبر آهي ته حسيب هڪ سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل قوم دوست ماڻهو هو جنهن جي ڪا ذاتي دشمني جي خبر به نه ملي آهي، سندس بي دردي سان قتل انسان دوست ماڻهن کي سخت ڳڻتي ڏياري رهي آهي، رياست ئي ذميوار آهي ته سندس قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، رياست ئي ذميوار آهي ته ماجد حيدري کي جن به اغوا ڪيو آهي انهن خلاف ڪارروائي ڪري کيس بازياب ڪرايو وڃي، جنهن تي حريف چانڊيو افسوس جو اظهار ڪيو، وشنومل لکيو ته قتل جي مذمت ڪندي ٿا ڪريون ته قتل ۾ ملوث ماڻهن کي بنا امتياز جي گرفتار ڪيو وڃي، منصور چانڊيو، ڪاڪا وحيد، رفيق هاشماڻي، فقير سليمان راڄڙ، محمد ڪريم به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، احمد شاهد شر لکيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ڪليم کوسو لکيو ته مھنجي خيال ۾ سنڌ جي ترقي پسند پڙھيل لکيل طبقي کي ھاڻ ڀرپور ايگريشن ڏيکارڻ کپي، سنڌ جا اديب ، قوم دوست متحرڪ اڳواڻن، ترقي پسند صحافين کي اڳتي وڌڻ کپي، اگر ماجد حيدري لاءِ به گڏ نٿا ٿيون ته پوء ڪڏهن ٿينداسين آخر ! ڪو ته ھمت ڪري باقي ماڻهو پاڻ ئي نڪرندا، شاهه گل مزاري لکيو ته حسيب ڀلوڙ ورڪر ھو سندس بي رحماڻي قتل تي سنڌ کي شديد غم آھي معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، نادرحسين سنڌي لکيو ته شھيد جو رت چوي ٿو قاتل، ڦُڙي ڦُڙي جو حساب ٿيندو.!! احسان الله ڪالادي لکيو ته دل ڏکائيندڙ خبر يقين ڪيو جيڪو سچ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو يا ڳالهائيندو اهو ماريو ويندو، لياقت لطيفي لکيو ته جيڪڏھن ذاتي دشمني به ناهي ته پوء آخر قتل جو سبب ڇاآھي ؟ ابرار حسين لکيو ته هاڻي سنڌ جي هر اُن ماڻهوءَ کي خطرو آهي جنهن جو پيار آهي سنڌ سان اسان اگر هاڻي به هڪ نه ٿياسين ته ائين اسان کي هر روز ڪڏھن کنڀيو ويندو ته ڪڏهن ماريو ويندو، مشتاق علي شورو لکيو ته افسوس وڏي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، جان شير جوکيو، اسماعيل بهلڪاڻي، آصف علي به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. منيب انڍڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ايس يو پي سکر جي سرگرم ترين ڪارڪن حسيب جوڻيجو جو سکر جي قريشي ڳوٺ واري علائقي مان ٻوري ۾ بند لاش هٿ آيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته تيز ڌار سان ڳلو ڪپي حسيب کي قتل ڪيو ويو آهي. حسيب نه صرف باڪردار، صالح، ڪميٽيڊ ۽ ڪُل وقتي سياسي ڪارڪن هو پر هو اعليٰ ڪردار رکندڙ ۽ کِل مُک انسان هو. سندس وحشتناڪ قتل انتهائي عم ۽ غُصي سان گڏ سخت چڙ ڏياريندڙ به آهي ته هڪڙي پُرامن سياسي ڪارڪن ۽ مُرڪندڙ نوجوان جي ڪنهن سان ڪهڙي دشمني ٿي سگهي ٿي جو کيس ايئن دردناڪ طريقي سان ڪُهي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ وجهي اڇلايو ويو آهي. حسيب جو دردناڪ قتل اهڙي وقت ۾ ٿيو جڏهن سنڌ ۾ جبري گمشدگين ۾ هڪ ڀيرو وري تيزي اچي وئي آهي، جنهن جو مثال ڪراچي مان انجنيئر ماجد حيدري ۽ ٻين نوجوانن جون جبري گمشدگيون آهن. تازو سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي ٿيل چڪرين کانپوءِ جتي سڄي سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري گرفتاريون ڪيون ويون، جنهن ۾ سکر ۾ پڻ ايس يو پي اڳواڻن عيدن جاگيراڻي، سراج ڊوگر، اعجاز سامٽيو کي کي به گرفتار ڪري ڏيڍ ڏينهن حراست ۾ رکي پوءِ کين داٻا ڌڙڪا ڏئي سياسي سرگرميون گهٽائڻ جون هدايتون ڏئي کين آزاد ڪيو ويو، ان دوران حسيب جوڻيجو جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا هنيا ويا پر هو گرفتاري کان بچي ويو ۽ اڄ سندس اوچتو ٻوري بند لاش سنڌ جي سيني ۾ اڇلائي سنڌ جي زخمي روح کي وڌيڪ وَڍ ڏنا ويا آهن. حسيب جوڻيجو جو قتل ڪنهن به ريت معمولي يا ذاتي دشمني جي سطح جو معاملو نه پر هاءِ پروفائيل قتل آهي. جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جي سربراهي ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي تحقيق ڪري سندس دردناڪ قتل واقعي جون حقيقتون ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي منظرعام تي آندو وڃي. امير حسيب بلوچ به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، نفيس جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سکر ايس يو پي اڳواڻ حسيب جوڻيجو کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري قتل بعد ٻوري بند لاش هٿ آيو آهي واقعو افسوسناڪ ۽ سفاڪ وحشيت جو کليل مثال آهي ۽ آء جي سنڌ کي نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کر گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جنهن تي اعجاز علي، فرحان علي، مير منٺار چنا، سيف الله جتوئي، ساجد علي جتوئي به ردعمل ڏنو، تاج رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته يس يو پي سکر جي سرگرم ترين ڪارڪن حسيب جوڻيجو جو سکر جي قريشي ڳوٺ واري علائقي مان ٻوري ۾ بند لاش هٿ ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته تيز ڌار سان ڳلو ڪپي حسيب کي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سندس ٻانهون ۽ پير پڻ ڪپيا ويا آهن، حسيب نه صرف باڪردار، صالح، ڪميٽيڊ ۽ ڪُل وقتي سياسي ڪارڪن هو پر هو اعليٰ ڪردار رکندڙ ۽ کِل مُک انسان هو. سندس وحشتناڪ قتل انتهائي غم ۽ غُصي سان گڏ سخت چڙ ڏياريندڙ به آهي ته هڪڙي پُرامن سياسي ڪارڪن ۽ مُرڪندڙ نوجوان جي ڪنهن سان ڪهڙي دشمني ٿي سگهي ٿي!؟ جو کيس ايئن دردناڪ طريقي سان ڪُهي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ وجهي اڇلايو ويو آهي. جنهن تي سرفراز ساريو، امر اياز مهر، حسن پٺاڻ، واجد حسين جاگيراڻي، ڀورل بلوچ، غلام الله جمالي، محمد علي، مهتاب جمالي، جاويد خاصخيلي به ردعمل ڏنو، مير صدام ٻلهڙو لکيو ته يار هي نوجوان منهنجي ننڍن ڀائرن جو دوست هيو، ميهڙ به آيل آهي ڪافي ڀيرا اسان وٽ . الله پاڪ نوجوان جي وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين .شرف ابڙو، غفور سومرو، وهاب ڪيريو، فهميده جروار،راجا ٿهيم به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، شوڪت علي لکيو ته نهايت ئي پيار ڏيندڙ مرڪي ملڻ واري دوست جو افسوس ٿيو، وحيد سنڌي لکيو ته ظلم ٿي ويو، سهيل جويو لکيو ته واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ممتاز ٻرڙو لکيو ته قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪجي ٿي. نيڪ جسڪاڻي لکيو ته انتهائي افسوس ناڪ واقعو آهي، اسان حسيب جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ٿا ڪريون ته ان ڪيس جي اڻ ڌري جاچ ڪري ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي. اي آر جروار به واقعي خلاف پوسٽ شيئر ڪئي، صدورو، مظهر کوسو، سهڻي جويو، آڪاش ملاح، ممتاز آريسر، سسئي لوهار، رضا شر، فدا حسين بلو، سردار دين مهر، سنڌو نواز گهانگهرو، علي محمد ڏاهاڻي ۽ ٻين به واقعي خلاف پوسٽون شيئر ڪيون ۽ حسيب جوڻيجو جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو، قاتلن کي سخت سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي.