ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته حسن علي جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي. آسٽريليا ۾ قرنطينه دوران فون تي صحافين سان ڳالهائيندي وقار يونس چيو ته حسن علي ميچ ونر ۽ حيران ڪندڙ ڪرڪيٽر آهي، بالنگ هجي، بيٽنگ يا فيلڊنگ، هو 100 سيڪڙو قوت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. هن چيو حسن علي جهڙي ريت واپسي ڪئي، ان جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي، هن جو شاندار ڪم بيڪ همت نه هارائڻ جو نتيجو آهي، حسن علي ذهني طور ڏاڍو مضبوط آهي، هو هڪ شاندار ڪرڪيٽر آهي.