عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ شريف مھر واسي ڳوٺاڻن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ سياسي انتقامي ڪاررواين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي عارف مھر، محمد شريف مھر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڊي سي عمرڪوٽ جي اجازت سان ڳوٺ ۾ بيٺلبرساتي پاڻي نيڪال ڪري رھيا ھئاسين ته پوليس اٽالن ڳوٺ شريف مھر تي چڙھائي ڪري مشينون پٽرائي ڇڏيون، ھنن چيو ته حڪومتي بااثر سياستدانن جي چرچ تي اسان خلاف پوليس ڪارروايون پئي ڪري ۽ پاڻي نيڪال ڪرڻ نٿي ڏئي، هنن چيو ته سندن تعلق حر جماعت سان آهي، جنهن ڪري کين نشانو بڻايو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين،