حريم شاهه وڌيڪ مشڪل ۾، ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم پاران به جاچ شروع

0
247
ڀلي منهنجي خلاف جاچ

ڪراچي: ايف آءِ اي سائبر ڪرائم به ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه خلاف جاچ داخل ڪري ورتي آهي. هڪ وڊيو ۾ ڪراچي کان برطانيه رقم کڻي وڃڻ جي دعويٰ ڪندڙ حريم شاهه خلاف  ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ عمران رياض موجب سائبر ڪرائم ونگ حريم شاهه جي مني لانڊرنگ جي اعتراف ۽ ان کي مذاق واري وڊيو قرار ڏيڻ جو نوٽيس ورتو آهي

  عمران رياض چيو ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز جو استعمال پاڪستان جي حڪومت ۽ رياستي ادارن جي تذليل ۽ بدنامي آهي، سندن اهو عمل مني لانڊرنگ جي زمري ۾ اچي ٿو. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي چيو ته حريم شاهه کي پنهنجو موقف واضح ڪرڻ لاءِ باضابطا نوٽيس جاري ڪيو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

ايف آءِ اي جي حرڪت ۾ اچڻ کانپوءِ حريم شاهه پنهنجي بيان تان ڦري وئي