ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا حراماني کي “بولڊ” لباس پهرڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. اداڪارا هڪ ايونٽ ۾ شريڪ هئي ۽ هن ڄمون رنگ جو لباس پهري رکيو هو. حراماني پنهنجي مختصر وڊيو سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي پر هن جي مداحن کي هن جا نوان ڪپڙا پسند نه آيا. سوشل ميڊيا واهپيدارن ان لباس کي خراب قرار ڏيندي اداڪارا تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هڪ واهپيدار لکيو ته پاڪستاني اداڪارائون هاڻي انڊين اداڪارائن جي ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ گهٽ کان گهٽ ڪپڙا پهري رهيون آهن. ڪجهه واهپيدارن اداڪارا کي شرم ڏياريو ته ڪجهه واهپيدارن هن کي هدايت ڪندي دعائون ڏنيون.