لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا حراماني جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ويجهڙ ۾ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪئي جن کي مداحن طرفان گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا کي خوبصورت ساڙهي پهريل آهي. ان کان اڳ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون هيون جن کي به مداحن طرفان گهڻو پسند ڪيو ويو هو.