بلوچستان(شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي حديقه ڪياني ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 گهر تعمير ڪرائي ورتا آهن. گذريل سومر ڏينهن حديقه ڪياني طرفان هن جي ٻوڏ متاثر مهم “وسيلا راه” تحت بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 200 گهرن جي تعمير جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن مان 100 گهرن جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي. ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقه ڪياني گهرن جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهم جو حصو بڻجندڙن جي ٿورائتي آهيان. ڳائڻي ٻڌايو ته هن جي مهم تحت 100 گهرن جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هڪ اسڪول ۽ هڪ ميٽرنٽي هوم به شامل آهي. حديقه ڪياني جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن ۾ حاملا عورتن جو به وڏو انگ شامل هو جيڪي موت جو شڪار ٿي رهيون هيون ان لاءِ ميٽرنٽي هوم ٺهرائڻ اهم هو. هن جو چوڻ هو ته تمام گهڻي ٿورائتي آهيان ماڻهن جي جن وسيلا راهه جي هن مهم تي اعتبار ڪيو. هنن جي مدد سان اسان ديهه تمبو ضلعي نصيرآباد بلوچستان ۾ 100 گهر تعمير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون.