اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته شهباز شريف جي ضمانت کي بيگناهي قرار ڏيڻ افسوس جوڳو عمل آهي، شهباز شريف کي عدالت ضمانت ڏني آهي، آزادي ناهي ملي، مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ڏيندي شهباز گل چيو آهي ته شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ جي واپسي جي ضمانت ڏني پر ان جو ڀاءُ واپس نه آيو ۽ هاڻي هو پاڻ پرڏيهه فرارٿيڻ لاءِ بي چين آهي، شهباز شريف ٽڪي نه پر کوڙ ساري رقم جي ڪرپشن آهي، حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ شريف خاندان اجتماعي طور تي ڪرپشن ڪئي، ان ڪيس ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 48 لک ڊالر جي رقم مني لانڊرنگ ڪئي وئي، هن وقت تائين شريف خاندان 7 ارب 32 ڪروڙ جي مني لانڊرنگ جو جواب نه ڏنو آهي، افسوس اهو آهي ته جڏهن قانون پڇندو آهي ته هو ثبوتن جي نالي تي بيماري ۽ ڪراڙپ کي بهانو بڻائي ميارون ڏيندا آهن.