لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي چيئرمين پروفيسر نسيم احمد ۽ ملازمن وچ ۾ حج پُکا نه ڪڍڻ تي ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. چيئرمين تعليمي بورڊ جي ٻن جونيئر ڪلارڪن محمد اقبال جاگيراڻي ۽ سجاد لغاري کي نوڪرين تان برطرف ڪري اهڙو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيئرمين پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو ته ملازمن توهين مذهب جا ڪوڙا الزام لڳايا آهن، جن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا هاڻي کين نوڪرين تان برطرف ڪيو ٿو وڃي. هوڏانهن نوڪرين تان برطرف ٿيل آپڪا تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري محمد اقبال جاگيراڻي ۽ پريس سيڪريٽري سجاد لغاري جي صحيح سان جاري ٿيل  پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻو بورڊ جو چيئرمين نسيم احمد ميمڻ جي مسلسل بدمعاشي کان پوءِ پنهنجي ذهنيت ظاهر ڪئي لاڙڪاڻو بورڊ جي هر سال وانگر حج جا پکا ڪڍيا ويندا آهن، هن فائل پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي.ڪڻا ڪڍڻ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهريان سکر بورڊ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچي بورڊ ۾ قرعه اندازي ڪئي وئي آهي ان کان اڳ به عيد ميلاد النبي هن بورڊ آفيس ۾ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. آپڪا يونٽ بورڊ آفيس چيئرمين جي اهڙي ڪڌي عمل جي خلاف 20 مارچ سومر ڏينهن کان مڪمل تالابندي جو اعلان ڪيون ٿا.