اسلام آباد (م ڊ) پي آءِ اي 31 مئي کان 13 آگسٽ تائين پاڪستان جي اٺن شهرن مان جده ۽ مدينه لاءِ حج اڏامن جي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي آءِ اي انتظاميا هوابازي واري وزير خواجه سعد رفيق کي ايئرلائن جي آپريشنز ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ بابت قدمن تي بريفنگ ڏني. پي آءِ اي ترجمان عبدالله حفيظ چيو ته بريفنگ ۾ حج آپريشنز، سياحت کي هٿي ڏيڻ، نيون منزلون ماڻڻ لاءِ اڏامن ۽ پي آءِ اي ۾ وڌيڪ هوائي ج هاز شامل ڪرڻ جو منصوبو به شامل هو. هن چيو ته ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، فيصل آباد، سيالڪوٽ، ملتان، پشاور ۽ ڪوئيٽا مان سعودي عرب جي جده ۽ مدينه منوره تائين 297 حج اڏامون هلايون وينديون.