مڪو شريف (م ڊ) سعودي عرب ۾ هلندڙ سال جي حج جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ڪعبت الله جو غلاف  سڀاڻي 3 ميٽر مٿي ڪيو ويندو، جڏهن ته مسجدالحرام کان عرفات جي ميدان تائين پنڌ هلڻ جو رستو به مڪمل ڪيو ويو آهي. ان باري ۾ مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي جي انتظاميه جي ٽوئٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته حج سيزن جي شروعات طور آچر ڏينهن 19 جون تي عشا جي نماز بعد ڪعبت لله جي غلاف کي 3 ميٽر اوچو ڪيو ويندو. تنهن هوندي به تاريخ ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي. ٻئي اڪائونٽ تان چيو ويو آهي ته حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو پنڌ هلڻ جو رستو ٺاهيو ويو آهي جيڪو مسجد الحرام، مزدلفه، منيٰ ۽ عرفات کي ملائي ٿو.