ميرپورماٿيلو: مارجي ويل حاڪم عرف حاڪو شر جي حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آھي ته تازو رائونتيءَ ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ اوز سميت ستن پوليس اهلڪارن جي ڪيس ۾ گھربل ھو. مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي مان اهلڪارن کان ڦر ڪيل ھٿيار به مليو آھي. حاڪم شر مٿان گھوٽڪيءَ جي مختلف ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن، ان سلسلي ۾ وڌيڪ رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي.