حافظ آباد (م ڊ) ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 6 ورهين جي ٻارڙيءَ سان زيادتي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. حافظ آباد جي ايڊيشنل سيشن جج زيادتي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار شاهد عمران کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو. جوابدار اڍائي سال اڳ 6 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو هو.