حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو ۾ ٻن سالن دوران ٽينڪر حادثن ۾ ٻارن ۽ شهرين جي فوت ٿيڻ ۽ پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ايم اين اي سڪندر راھپوٽو، ايم پي اي گيانچند ايسراڻي ۽ ڊي سي ڄامشورو کي نوٽيس جاري ڪندي کين 21  آڪٽوبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪوٽڙي واسي وڪيل اعجاز حسين جتوئي درخواست داخل ڪرائي هئي ته سال 2020ع ۽ 2021ع دوران ڪيترائي معصوم ٻار ۽ شهري پاڻي ٽينڪرن ھيٺان اچي فوت ٿي ويا آهن پر انتظاميا ٽئنڪر مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل سنگل بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته 19 جنوري 2022ع تي ٽئنڪر مافيا خلاف فوتي ماڻهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ هن ايڊيشنل سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي هئي پر عدالت سندس درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته معاملو انتهائي حساس هئڻ سبب هن هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ وڪيل کان پڇا ڪئي ته اوهان درخواست ۾ چونڊيل نمائندن کي ڇو ڌر بڻايو آھي. وڪيل ٻڌايو ته چونڊيل نمائندن کي ترقياتي ڪمن لاءِ ڪروڙين رپين جا فنڊ جاري ٿين ٿا پر ڄاڻايل نمائندن اڃا تائين شهرين کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سٺا منصوبا فراهم ناهن ڪيا. انتظامي غفلت سبب 2019ع دوران پاڻي جو في ٽئنڪر 5 کان 6 سئو رپيا هو جنهن جا هاڻي شهرين کان 2 کان 3 هزار رپيا في ٽئنڪر تي اوڳاڙيا پيا وڃن. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ رمارڪس ڏنا ته تعجب آهي جو ايڏي وڏي ضلعي ۾ عوام کي پيئڻ جي پاڻي جون سھولتون ناهن.