ڪوٽڙي (رپورٽر) حادثن کي روڪڻ لاءِ ڪوٽڙي ڄامشورو نيشنل هاءِ وي تي وڏين گاڏين جي اچ وڃ تي پابندي لڳائي  وئي، ڪوٽڙي جي وڪيل راجا جواد علي ساهڙ جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران لکيل ليٽر تي قدم کڻندي ڪمشنر حيدرآباد وڏين گاڏين جي اچ وڃ تي قلم 144 لڳائي ڇڏيو آهي. ڪمشنر پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ لکيو ويو آهي ته روڊ حادثن کي روڪڻ لاء اهڙو قدم کنيو ويو آهي. ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان سيشنس ڪورٽ تائين ڪوٽڙي ڄامشورو  نيشنل هاء وي تي صبح جو اٺين وڳي کان رات جو 10 وڳي تائين وڏين گاڏين جي اچ وڃ تي پابندي هوندي. اهڙي قدم کان پوء پوليس پاران وڏين گاڏين کي روڪڻ سبب روڊ تي سوين گاڏيون بيهجي ويون. شهرين اهڙي قدم جي آجيان ڪندي ڊبل روڊ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي.